لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ)لاڙڪاڻي شهر جي ممتاز ڪالوني واسي اخباري هاڪر ٻه ڏينهن اڳ مارڪيٽ ٿاڻي جي حد مان پٽ جي چوري ٿيل چنگچي واپس نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي اخباري هاڪر مانجهي خان چانڊيو صحافين آڏو دانهيندي چيو ته مان گذريل 24 سالن کان لاڙڪاڻي ۾ اخباري صنعت سان وابسته هئڻ ڪري شهر جي پاڪستاني چوڪ تي اخبارن جو اسٽال لڳائي پورهيو ڪندو آهيان، سوشل ميڊيا جي ڪري اخبار جي صنعت کي ڪافي نقصان پهتو آهي، جنهن ڪري گهر جو خرچ هلائڻ مشڪل ٿي پيو، جنهن ڪري مون ڪجهه وقت اڳ منهنجي پٽ علي رضا چانڊيو کي چنگچي خريد ڪري ڏني جيڪو شهر ۾ چنگچي هلائي گهر ڀاتين جي ڪفالت ڪندو آهي. هن چيو ته گذريل خميس جي رات دير سان منهنجو پٽ چنگچي تي سواري کڻي شهر جي جناح باغ ۾ قائم سٽيزن ڪلب آيو ته پٺيان اڻڄاتل چورن سندس چنگچي ڪاهي فرار ٿي ويا، اهڙي واقعي جي اين سي حد جي مارڪيٽ ٿاڻي تي داخل ڪرائي پر پوليس هن وقت تائين پٽ جي چوري ٿيل چنگچي واپس نه ڪرائي سگهي آهي جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي چنگچي واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.