لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز کاتي طرفان سنڌ پنڪ گيمز ويڪ جي آخري ڏهاڙي تي گرلس ونجهه وٽي ٽورنامينٽ ٿي جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي گرلس ڪاليج، سچل پبلڪ اسڪول، ماڊل هاءِ اسڪول سميت ٻين تعليمي ادارن جي ٽيمن حصو ورتو. ٽورنامينٽ ۾ سخت مقابلي بعد فائنل مقابلو گورنمينٽ گرلس ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ سچل پبلڪ اسڪول جي ٽيمن وچ ۾ ٿيو جنهن ۾ گرلس ڊگري ڪاليج جي ٽيم سچل پبلڪ اسڪول جي ٽيم کي شڪست ڏئي فائنل جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو. ان موقعي تي مهمان خاص ڊائريڪٽر اسپورٽس امداد علي ابڙو، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري لاڙڪاڻو گلبهار مگسي ۽ ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر محمد محفوظ مڪاني ونر ۽ رنر اپ ٽيمن جي رانديگرياڻين ۾ ٽرافيون، سرٽيفڪيٽ ۽ انعام ورهائي کين مبارڪباد ڏني. ٽورنامينٽ ۾ زاهد علي گاڏهي، انيلا ابڙو، بينش چانيو، شفقت حسين مڪاني، طلعت حسين، وقار علي مغيري، عبدالوهاب مغيري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان کان اڳ ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر محمد محفوظ مڪاني آيل مهمانن جو استقبال ڪندي کين سنڌ جي سوکڙي اجرڪ ۽ ٽوپي جا تحفا پيش ڪري کين ڀليڪار ڪيو.