لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي شاهي بازار واري علائقي ۾ نوجوان اختر علي ڪانڌڙو مبينا گهرو اڻبڻت تان زهر کائي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، ٻي طرف شهر جي لهر ڪالوني ۾ نوجوان امير علي جمالي بيروزگاري سبب زهر کائي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي ۽هوڏانهن شهر جي وليد محلا ۾ نوجوان لطيف قريشي مبينا طور شادي نه ڪرائڻ واري معاملي تان زهر کائي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي. خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ ٽنهي نوجوانن کي سندن وارثن پاران ڌار ڌار بيھوشي واري حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو ويو. جتي علاج دوران گهرو اڻبڻت تان خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ نوجوان اختر علي ڪانڌڙو علاج دوران دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ ٻن نوجوانن امير علي جمالي ۽ لطيف قريشي کي طبي امداد ڏني وئي.