لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي شهر جي پراڻي بس اسٽان وٽ قائم پبلڪ پارڪ تي مبينا طور بااثرن قبضو ڪري ڪري ڇڏيو آهي جتي بااثرن طرفان مزدورن کي گهرائي پارڪ جي کوٽائي ڪري مٽي ڪڍرائي اڏاوتي ڪم تيز ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب پبلڪ پارڪ تي لاڙڪاڻو پوليس طرفان نئون ٿاڻو قائم ڪرڻ لاءِ اڏاوتي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جنهن جي اجازت نه ورتي وئي آهي ان حوالي سان پبلڪ پارڪ تي قبضو ڪري اڏاوتي ڪم شروع ڪرڻ سبب علائقي واسين ۽ ساڃاهه وندن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت شهيدن جي شهر لاڙڪاڻي ۾ پبلڪ پارڪ قائم ڪري انهن جي مالڪي نه پئي ڪئي جنهن ڪري شهر جي مختلف پارڪن تي قبضا ٿي رهيا آهن.

اڏاوتي ڪم سان اسان جو واسطو ناهي، پارڪ ميونسپل جي پراپرٽي آهي: ايس ايس پي

لاڙڪاڻو: ايس ايس روحل کوسو موجب پبلڪ پارڪ تي ڪوبه ٿاڻو نه ٿو جوڙايو وڃي،اڏاوتي ڪم سان اسان جو ڪو به واسطو نه آهي، پارڪ ميونسپل جي پراپرٽي آهي.

اسڪول جي اڏاوت جو اطلاع مليو، قبضي جي اجازت ناهي، ڪم بند ڪرايو آهي: ميئر لاڙڪاڻو

لاڙڪاڻو: ميئر لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ انور علي لُهر دعويٰ ڪندي ٻڌايو ته پراڻي بس اسٽان وٽ قائم پبلڪ پارڪ تي هلندڙ اڏاوتي ڪم بند ڪرائي ڇڏيو آهي، جتان  هڪ ڄڻي کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڄاڻايل پارڪ ۾ پوليس ٿاڻو نه شهرين اطلاع ڏنو آهي ته اسڪول جو اڏاوتي ڪم هلي رهيو آهي، جنهن جو سمورو مٽيريل کڻائي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.