لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پاپوليشن ويلفيئر کاتي ۾ ڪم ڪندڙ ميل موبيلائيزرن رهيل ڪچن ميل موبلائيزرس کي پڪو ڪرڻ، سينيارٽي ۽ گريڊ نه ڏيڻ، ڪانٽريڪٽ وارن جي پگهار نه وڌائڻ، بيڪ بينيفٽس ۽ ٻيون سهولتون نه ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي حسام الدين شاهه، الهه رکيو چانڊيو، خدابخش جتوئي، شرافت ابڙو، رضوان مٺياڻي، ادريس جتوئي ۽ ٻين چيو ته 25 ورهين کان ڊيوٽي ڪري رهيا آهيون، جن مان ڪجهه کي سنڌ اسيمبليءَ مان 2013ع دوران ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ واري بل ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت پڪو ڪيو ويو آهي، ان باوجود ڪيترائي سوشل موبلائيزرس پڪا نه ٿي سگهيا آهن، جڏهن ته ٻيون سهولتون به نه پيون ڏنيون وڃن، هنن مطالبو ڪيو ته ملازمن جا مسئلا حل ڪيا وڃن.