لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پاپوليشن اينڊ ويلفيئر کاتي جي ملازمن ڪم ۽ قلم ڇڏ هڙتال ڪري آپڪا اڳواڻن پيرل دايو، محمد شريف عمراڻي، وحيد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته پاپوليشن کاتي جا ملازم سالن کان وٺي اپ گريڊيشن، ٽائيم اسڪيل، ڪانٽريڪٽ ملازمن کي پڪو ڪرڻ، ڀرتيون ميرٽ تي ڪرڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن پر افسوس جو اڄ ڏينهن تائين جائز مطالبا منظور نه ٿا ڪيا وڃن. قمبر ضلعي جي جونيئر آفيسر کي هٽائي سندس جاءِ تي 19 هين گريڊ جي سينيئر آفيسر کي مقرر ڪري ملازمن سان زيادتيون بند ڪيون وڃن ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.