لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز کاتي جي صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر ۽ سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري جي خاص هدايتن تي اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز کاتي طرفان ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر لاڙڪاڻو محمد محفوظ مڪاني جي نگرانيءَ ۾ ٽيبل ٽينس ٽورنامينٽ ايم اي کهڙو اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ مختلف تعليمي ادارن جي ٽيمن حصو ورتو. سخت ۽ دلچسپ مقابلن بعد ٽورنامينٽ جو فائنل مئچ ايس ايس بي ٽيبل ٽينس ڪلب ۽ زيبسٽ ٽيبل ٽينس ڪلب جي ٽيمن وچ ۾ ٿيو جنهن ۾ سخت مقابلي بعد ايس ايس بي جي ٽيم زيبسٽ جي ٽيم کي 1-2 اسڪور تان شڪست ڏئي چئمپين جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو. جڏهن ته سچل ٽيبل ٽينس جي ٽيم ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. ان موقعي تي خاص مهمان اڳوڻو ڊپٽي ڊائريڪٽر اسپورٽس لاڙڪاڻو محمد حسين مڪاني، اعزازي مهمانن اڳوڻو ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر غلام جعفر حسين سامٽيو، ڊسٽرڪٽ اٽارني عبدالنبي ساريو، اڳوڻو ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪوآپريٽو کاتو نصرت حسين ابڙو ۽ ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر لاڙڪاڻو محمد محفوظ مڪاني ونر ۽ رنر ٽيمن جي رانديگرن ۾ ٽرافيون، مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ انعام ورهائي کين مبارڪباد ڏني. ان کان اڳ ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر لاڙڪاڻو محمد محفوظ مڪاني آيل مهمانن جو استقبال ڪري کين سنڌ جي ثقافتي سوکڙي اجرڪ ۽ ٽوپي جا تحفا پيش ڪري سندن جو آڌر ڀاءُ ڪيو. ٽورنامينٽ ۾ زاهد علي گاڏهي، عقيل احمد لاڙڪ، عبدالباري، وقار علي مغيري، عبدالوهاب بگٽي ۽ ٻين شرڪت ڪري رانديگرن جي ڀرپور حوصلا افزائي ڪئي.