لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد علي گوهر آباد پاڙي ۾ سيپڪو ايمپائر سب ڊويزن جي عملي طرفان سينيئر صحافي ٽائيم نيوز جي رپورٽر پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري نويد لاڙڪ مٿان حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ صحافي نويد لاڙڪ سخت زخمي ٿي پيو ۽ سندس جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا جنهن واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيجز پڻ منظر عام تي اچي ويا آهن، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته 15 کان وڌيڪ سيپڪو ملازم سينيئر صحافي نويد لاڙڪ مٿان حملو ڪري رهيا آهن، اهڙي واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل ورتا، واقعي جي اطلاع تي لاڙڪاڻو پريس ڪلب جا صحافي، فوٽوگرافر ۽ ڪئميرامين پهچي صحافي نويد لاڙڪ کان واقعي بابت تفصيل وٺي بعد ۾ علي گوهر آباد ٿاڻي تي سيپڪو عملي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ پهتا جتي پوليس ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ سينئر صحافي نويد لاڙڪ کي علاج لاءِ ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو، ان حوالي سان سينيئر صحافي ۽ پريس ڪلب جي نويد لاڙڪ جو چوڻ هو ته سيپڪو طرفان روزاني جي بنياد تي سڄي شهر ۾ 18 کان 20 ڪلاڪ ڊگهي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، اهڙي معاملي بابت خبرون هلائڻ تان سيپڪو وارن منهنجي مٿان حملو ڪري مون کي سخت ڪيو آهي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته حملي ۾ ملوث سيپڪو آفيسرن ۽ عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
يونين آف جرنلسٽس جو هنگامي اجلاس، حملي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو
لاڙڪاڻو: واقعي خلاف پريس ڪلب ۽ لاڙڪاڻو يونين آف جرنلسٽس جو هنگامي اجلاس پريس ڪلب جي صدر مرتضيٰ ڪلهوڙو جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پريس ڪلب جي نائب صدر عبدالخالق مغيري، جنرل سيڪريٽري نويد لاڙڪ، جوائنٽ سيڪريٽري منصور عباس ابڙو، خزانچي عبدالقادر جاگيراڻي، يونين آف جرنلسٽس جي صدر طارق محمود دراني سميت ٻين صحافين، فوٽوگرافرن ۽ ڪئميرامينن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سينيئر صحافي ۽ پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري نويد لاڙڪ مٿان ٿيل حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو مطالبو ڪيو ويو ته سيپڪو سرڪل جي سپريٽيڊنٽ انجنيئر شاهه محمد باجڪاڻي ۽ حملي ۾ ملوث سيپڪو عملي خلاف سخت ڪاروائي ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ سموري ضلعي ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو.
واقعي بعد صحافين، فوٽوگرافرن ۽ ڪيمرامينن جي گهرن جي بجلي ڪاٽا
لاڙڪاڻو: واقعي بعد سيپڪو انتظاميه طرفان مختلف علائقن ۾ رهائش اختيار ڪندڙ صحافين، فوٽوگرافرن ۽ ڪئمرامينن جي بجلي جا ڪنيڪشن ڪٽي ڇڏيا آهن. هوڏانهن سيپڪو عملي طرفان سينيئر صحافي ۽ پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري نويد لاڙڪ مٿان ڪيل حملي واري واقعي جي مختلف سياسي سماجي مذهبي، قومپرست ڌرين، ساڃاهه وندن ۽ شهرين سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي.
چونڊيل نمائندن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن طرفان صحافي تي تشدد جي مذمت
لاڙڪاڻو: ٽائيم نيوز جي رپورٽر نويد لاڙڪ مٿان واپڊا عملي پاران حملي واري معاملي جي نثار کهڙو پاران مذمتي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته صحافي نويد لاڙڪ کي واپڊا عملدارن طرفان حملو مذمت جوڳو عمل آهي هن وڌيڪ چيو ته عوام جا مسئلا ۽ اٿارڻ وارن تي تشدد ڪرڻ صحافت تي حملو آهي،ٻي طرف جسقم جساف اڳواڻ اطھر سومرو، عزيز شيخ، اشرف ڪلھوڙو، فراز کھاوڙ، صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاهه، ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، ايم پي اي عادل الطاف انڙ به واقعي جي مذمت ڪئي آهي.