لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) باقراڻي تعلقي جي پيرو جو ڳوٺ واسي پورهيت امان الله ماڇي پنهنجي گهر واري سيما، ٻارن ريحان، امينه، شينا ۽ مينا سان گڏجي دانهيندي چيو ته سال 2022ع جي ٻوڏ دوران گهر ڊهي پٽ پئجي ويو، کليل آسمان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهيون. نيشنل بئنڪ باقراڻي جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي چڪا آهيون پر رقم نه ٿي ڏني وڃي. خانگي ماڻهو گهر سروي جي رقم ڏيارڻ لاءِ رشوت گهري رهيا آهن.ٻئي پاسي باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ يار محمد لاشاري واسي خانگي سيڪيورٽي گارڊ غلام علي لاشاري دانهيندي چيو ته سال 2022ع جي ٻوڏ ۾گهر ڊهي پٽ پئجي ويو. هن الزام لڳايو ته نيشنل بئنڪ باقراڻي ۾ ڊيوٽي ڪندڙ جاويد شاهه، مزمل رضا ۽ عملي طرفان گهر سروي جي رقم عيوض 15 هزار روپيا رشوت گهري رهيا آهن نه ڏيڻ تي روزانو بئنڪ جا پنڌ ڪرايا پيا وڃن. هن وس وارن اختيارين کي اپيل ڪئي ته گهر سروي جي رقم ڏياري رشوت گهرندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.