لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي ٻن سينيئر فنڪارن ڪلاسيڪل راڳي استاد امداد حيدري ۽ سرندي نواز استاد شدن سمون مالي سهائتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان ڳائي وڄائي احتجاج ڪيو. سچل ڪالوني جي رهواسي ڪلاسيڪل راڳي استاد امداد حيدري جو چوڻ هو ته منهنجي عمر هن وقت 70 ورهين کان مٿي آهي، 60 سال راڳ ڳائي فن جي خدمت ڪئي، سرڪاري ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي اي گيٽيگريءَ جي فنڪارن ۾ شامل آهيان، پر افسوس جو هن وقت ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي گهرايو نه ٿو وڃي، جڏهن ته ثقافت کاتي سنڌ طرفان ملندڙ سالياني وظيفي مان گهر جو گذر سفر ڪرڻ مشڪل بڻجي ويو آهي، ڪيتري عرصي کان بيمار پڻ آهيان، غربت سبب علاج نه ٿو ڪرائي سگهان، ٻئي طرف ڳوٺ کيڏڪر جي رهواسي سرندي نواز استاد شدن فقير سمون دانهيندي چيو ته پنهنجي 65 ورهين جي عمر ۾ 50 سال فن جي خدمت ڪندي گذاريا آهن، ثقافت کاتي سار ناهي لڌي، اولاد ڪونهي، 3 ڀائر آهن جن جون شاديون ٿيل آهن، پر هو ڪو به ڪم ڪار نه ڪندا آهن، سمورن گهرڀاتين جي ڪفالت ڪندڙ اڪيلو فرد آهيان، هن وقت گهرڀاتين کي ٻن ويلن جي ماني کارائڻ لاءِ پريشان آهيان. ٻنهي سينيئر فنڪارن طرفان سنڌ حڪومت ۽ ثقافت کاتي کان مطالبو ڪيو ته مالي سهائتا ڪري ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.