لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي مراد واهڻ ڦل روڊ واسي شڪيل احمد ميراڻي جي پنهنجي 6 مهينن جي معصوم ڀاڻج عيان علي پٽ وارث علي ميراڻي کي ساوا مرچ کارائي مبينا تشدد جو نشانو بڻايو هو اهڙي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي. اهڙي معاملي کان پوءِ الزام هيٺ آيل نوجوان شڪيل احمد ميراڻي پوليس وٽ پيش ٿي گرفتاري ڏئي ڇڏي آهي. ان حوالي سان الزام هيٺ آيل نوجوان شڪيل احمد ميراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ڀيڻ سان ڪراچي واسي وارث علي شادي ڪئي جيڪو شادي جي مهيني کان پوءِ مسلسل ڀيڻ سان جهيڙا ڪري کيس گهران ڪڍي ڇڏيو جنهن ڪري ڀيڻ اسان وٽ آئي جتي ڳالهين بعد وارث ڀيڻ کي پنهنجي گهر وٺي وڃي ٻيهر ساڻس جهيڙو ڪيو. هن چيو ته منهنجي پنهنجي ڀيڻ جي معصوم پٽ کي مرچ ڏيڻ واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي جنهن جو مقصد صرف مذاق هو، ويڊيو ۾ مرچ ڪٽيل ناهي ۽ نه ٻار جي وات جي اندر مرچ پيل آهي، سوشل ميڊيا هن معاملي کي اٿاريو آهي، مان ويڊيو ٺاهڻ جو اعتراف ڪيان ٿو. جيڪا ويڊيو مان ڀيڻوويي وارث کي واٽس ايپ ڪئي هن جنهن طريقي سان شيئر ڪئي ان جي خبر ناهي باقي سوشل ميڊيا تي ويڊيو کي غلط رنگ ڏنو ويو آهي ڇاڪاڻ تشدد ڪرڻ جو ڪو طريقه ڪار آهي پر ويڊيو ۾ ٻار نه ٿو روئي، مان ثابت مرچ کيس ڏنو ان دوران ٻار مون سان کلي رهيو آهي جيڪو مون سان سيٽ آهي. هن چيو ته هن معاملي تي وارث مون سان رابطو ناهي ڪيو ۽ نه ئي خبر آهي ته هن اهڙي ڪا شڪايت ڪئي آهي. هن چيو ته منهنجي ويڊيو کي ٽي ڏينهن ٿي ويا آهن، مان سرڪاري ملازم آهيان، ايس ايس پي جو زور هيو تنهن ڪري مان پنهنجو موقف ڏيڻ لاءِ ٿاڻي تي پيش ٿيو آهيان، مون پوليس کي ڪا گرفتاري ناهي ڏني. ان موقعي تي ٻار جي امڙ ڪراچي ڀينس ڪالوني موڙ واسڻ ٻار جي امڙ جميلان زال وارث ميراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ويڊيو ٺاهڻ وقت مان به پنهنجي ڀاءُ سان گڏ موجود هيس جيڪا ويڊيو مذاق هئي اها ويڊيو ڀري مان پنهنجي مڙس ۽ ساهرن ڏانهن موڪلي هئي. هن چيو ته مڙس ۽ ٻين مون سميت منهنجي پٽ کي پنهنجو نه ڪيو آهي ۽ والدين وٽ ترسائي ڇڏيو، مڙس ۽ ٻين کي اِهو احساس ڏيارڻو هو ته جيئن مون سميت منهنجي ڀاءُ کي تڪليف پئي پهچي اهڙي نموني هنن کي به تڪليف پهچي ٿي يا نه، ويڊيو مذاق هئي جنهن کي سيريس ورتو ويو آهي. هن چيو ته منهنجو مڙس دماغي مريض آهي جيڪو مون کي گهر ۾ بند ڪري قتل جون ڌمڪيون ڏيندو هو. هن چيو ته اهڙي ويڊيو بعد ساهرن رابطو به ڪيو جن کي مون سڄي حقيقت ٻڌائي آهي پر ماڻهن اِها ويڊيو هلائي آهي جيڪا صرف مذاق هئي. ان حوالي سان لاڙڪاڻو پوليس ڄاڻايو آهي ته 6 مهينن جي ٻار عيان علي کي ساوا مرچ کارائيندڙ ۽ تشدد ڪندڙ مُک ڪردار شڪيل ميراڻي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، ان کان اڳ پوليس ٻئي جوابدار نثار احمد ميراڻي کي به گرفتار ڪري چڪي آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو وائرل ٿيل ويڊيو جو سختيءَ سان نوٽيس وٺندي انچارج مرڪزي شڪايتي سيل سب انسپيڪٽر اختر علي لُهر کان تفصيل معلوم ڪرڻ لاءِ ڀينس ڪالوني ڪراچي موڪلي ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ پوليس ٻنهي جوابدارن کي حراست ۾ وٺي کانئن پڇاڳاڇا سميت وڌيڪ قانوني ۽ ضابطي جي ڪاروائي جاري آهي.