لاڙڪاڻو(رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ ٻارڙن جي معمولي ڳالهه تان سئوٽن هٿان بئڪري تي پورهيو ڪندڙ 25 ورهين جو شادي شده نوجوان قتل، شهر جي الھه آباد ٿاڻي جي حد عيسائي قبرستان واري علائقي ۾ ٻارڙن جي معمولي ڳالھه تان هٿياربند گوليون هڻي ڳوٺ صوبو نوحاڻي واسي بئڪري تي ڪم ڪندڙ 25 ورهين جي شادي شده نوجوان برڪت نوحاڻي کي پنهنجي سئوٽن قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، اطلاع تي حد جي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي مقتول جو لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان مقتول نوجوان جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان جو پنهنجي ئي مائٽن سان ٻه ڏينهن اڳ ٻارڙن جي معمولي ڳالھه تان جهيڙو ٿي پيو هو، جنهن معاملي تان اڄ بااثر مائٽن فائرنگ ڪري نوجوان برڪت نوحاڻي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن.هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف الهه آباد ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ هو ته مقتول نوجوان جو پنهنجي ئي سئوٽن سان ٻارڙن جي معمولي ڳالھه تان تڪرار هلندڙ هو جنهن معاملي تي اهڙو واقعو پيش آيو آهي. مقتول جا وارث جيئن ئي ٿاڻي تي آيا ته سندن جي مرضيءَ موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو. ايس ايچ او الھه آباد جي شروعاتي رپورٽ موجب واقعو ذاتي تڪرار جو نتيجو آهي، نوجوان کي پنهنجا سوٽ قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن.