لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي اعجاز حسين سرهيو موٽروي پوليس سان گڏجي واڌو ڀاڙو وٺندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪاروائيون ڪندي لاڙڪاڻي کان قمبر، شهدادڪوٽ سميت ٻين روٽن تي هلندڙ 40 کان وڌيڪ وين توڙي ٻين گاڏين کي بيهاري معائنو ڪري سفر ڪندڙ مسافرن کان ڀاڙن بابت پڇا ڪئي، جنهن دوران ٽرانسپورٽرن طرفان واڌو ڀاڙا وصول ڪرڻ تي سيڪريٽري گاڏين جي ڊرائيورن مٿان 6 هزار 100 روپيا ڏنڊ وجهي 11 هزار 200 روپيا مسافرن کي واپس ڏيارايا.