لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني، ڦرن، چورين ۽ قتل جي واقعن خلاف ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو پاران ٻئي ڏينهن به عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، وڪيلن طرفان مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي پوليس کي عدالتن ۾ داخل ٿيڻ کان پڻ روڪيندي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي عهديدارن صدر محمد اسماعيل ابڙو، عبدالستار ھليو، جاويد بليدي،شفقت جتوئي، انمول ريحان چانڊيو چيو ته لاڙڪاڻو ڊويزن سميت ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ بدامني عروج تي پهتل آهي. سندن چوڻ هو ته 2 هفتا اڳ ڏوڪري شهر ۾ رات جي وقت هٿياربندن ڦورن وڪيل قاسم چنو جي نوجوان ڀاءُ محمد اڪرم چنو کي ڦر مزاحمت تي گوليون هڻي لکين رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، پر اڃا تائين جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن. پوليس جي لاپرواهي سبب بدامني آهي، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جو رويو اڍنگو آهي، بدامني جي شڪايتن تي چوي ٿو ته هن وقت ايترو وقت ناهي جو ڳالهيون ٻڌي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري امن ڪرايو وڃي.