لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ويسي جا پئسا گهرڻ تان هٿياربندن جو گهر تي حملو، 4 ٻارن جي بيواهه ماءُ گوليون هڻي قتل، جوابدار فرار، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب شهر جي ايوب ڪالوني جمالي چوڪ ڀرسان پئسن جي ڏيتي ليتي تان هٿياربندن گهر ۾ گهڙي چئن ٻارن جي ماءُ بلقيس زال انور کهاوڙ کي گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي عورت جو لاش چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، مقتول عورت جي پٽ حارث کهاوڙ ٻڌايو ته امڙ بلقيس جا مظهر کهاوڙ ڏانهن ويسي جا 5 لک روپيا رهيل هئا، جن پئسن جي امڙ ڪيترائي ڀيرا گهر ڪئي جنهن معاملي تان مظهر کهاوڙ ڪاوڙجي ڪجهه ڏينهن اڳ پاڙي ۾ اچي امڙ کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ماڻهو پهچڻ تي هو فرار ٿي ويو، ڪالهه هن پنهنجي هٿياربند پٽ فياض، پيارو، وزير کهاوڙ ۽ ٻين سان گڏجي گهر ۾ گهڙي امڙ کي گوليون هڻي قتل ڪيو، هن ٻڌايو ته امڙ کي بيگناهه قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي، منهنجو والد انور علي کهاوڙ ڪجهه عرصو اڳ فوت ٿي ويو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.