لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز کاتي طرفان ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر لاڙڪاڻو جي نگرانيءَ ۾ 23 ڊسمبر کان 30 ڊسمبر تائين جاري رهندڙ فري انڊر 16 ونٽر ڪوچنگ ڪئمپ پڄاڻيءَ تي پهتي. ڪوچنگ ڪئمپ جي پڄاڻيءَ واري تقريب ايم اي کهڙو اسپورٽس ڪامپليڪس جي بيڊمنٽن هال ۾ ڪوٺائي وئي جنهن ۾ مهمان خاص ڊائريڪٽر اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز امداد علي ابڙو، ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر لاڙڪاڻو محمد محفوظ مڪاني، اعزازي مهمان ڊسٽرڪٽ اٽارني عبدالنبي ساريو سميت راندين ۾ حصو وٺندڙ 16 سالن جي عمر کان گهٽ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين شرڪت ڪئي. تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي بعد ۾ آيل مهمانن فٽبال، بيڊمنٽن، تائيڪوانڊو ۽ ٽيبل ٽينس جي ونٽر ڪوچنگ ڪئمپ ۾ شرڪت ڪندڙ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ۽ سندن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي ڊائريڪٽر اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز امداد ابڙو چيو ته اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز ڊپارٽمينٽ سنڌ طرفان لاڙڪاڻي ۾ پهريون ڀيرو ڪوچنگ ڪئمپس لڳائي بهترين ڪم ڪيو آهي ڇاڪاڻ رانديگرن کي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر کان بهتر ڪرڻ ۾ ڪوچز جو اهم ڪردار هوندو آهي. ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر لاڙڪاڻو محمد محفوظ مڪاني چيو ته ڪوچنگ ڪئمپس ۾ قومي سطح جي ڪوچز رانديگرن کي تربيت ڏني جيڪو سلسلو مستقبل ۾ به جاري رهندو ته جيئن وڌ کان وڌ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي فائدو ملي سگهي. تقريب جي پڄاڻيءَ تي سمورن آفيسرن ۽ رانديگرن آيل مهمانن سان گڏجي تصوير ڪڍي سندن جو شڪريو ادا ڪيو. پڄاڻيءَ واري تقريب ۾ انيلا ابڙو، شفقت حسين مڪاني، ظفرالله عباسي، زاهد علي گاڏهي، عبدالباري، اعجاز علي بليدي، عقيل احمد لاڙڪ، آفتاب علي بليدي، حيدر علي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.