لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ اپر سنڌ رائيس ورڪرز يونين طرفان ڊپٽي ڊائريڪٽر جي مبينا ناجائزين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، پورهيت اڳواڻن مرتضيٰ ڪورائي، گدا حسين بروهي، عبدالرزاق بروهي، مختيار علي ڪلهوڙو، اصغر گائينچو ۽ ٻين چيو ته سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ لاڙڪاڻو جي ريجنل ڊپٽي ڊائريڪٽر رشوت نه ڏيڻ تي حقيقي مزدورن جي نياڻين جي ڏاج ۽ بيواهن جي ڊيٿ گرانٽ جا فارم گم ڪيا آھن، جيڪا وڏي زيادتي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي.