لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد باقراڻي روڊ الهه والي مسجد ڀرسان هفتو اڳ ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيل هندو واپاري سنجي ڪمار جو ٽيجهو ٿي گذريو، جنهن ۾ اقليتي کاتي جي صوبائي وزير لال چند اڪراڻي، پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر سڌام چند، پوڄ هندو پنچائت جي چيئرمين هريش لال، وائيس چيئرمين جئي راج، جنرل سيڪريٽري ولي رام، رميش لال، سيٺ سنتوش ڪمار سميت هندو برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. بعد ۾ اقليتي کاتي جي صوبائي وزير لال چند اڪراڻي مقتول سنجي ڪمار جي وارثن کي 5 لک رپين جو چيڪ ڏيڻ بعد ٽراما سينٽر ۾ داخل رونق آهوجا جي عيادت ڪري کيس 5 لک رپين جو امدادي چيڪ ڏنو. ان موقعي تي اقليتي کاتي جي صوبائي وزير لال چند اڪراڻي مقتول سنجي ڪمار جي وارثن کي خاطري ڪرائي ته سنڌ حڪومت طرفان سندن جي وڌيڪ مالي مدد ڪئي ويندي. صوبائي وزير لال چند اڪراڻي چيو ته لاڙڪاڻي ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي تي پوري سنڌ سوڳ ۾ مبتلا آهي، اهڙي قسم جا واقعا نه صرف هندو برادري پر پوري سنڌ واسين جي خلاف سازشن آهن، اسين سنڌ ڌرتي جا وارث آهيون ۽ اهڙن سازشن جو ڄمي مقابلو ڪنداسين. هن چيو ته تمام جلد قاتلن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. ان حوالي سان هندو پنچائت جي چيئرمين هريش لال رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته منهنجي اسلام آباد ۾ اڳوڻي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ، سينيٽر فيصل واوڊا، پيپلز پارٽي سينيٽر ڄام سيف الله ڌاريجو، سينيٽر اسلم ابڙو، سينيٽر دنيش ڪمار ۽ ٻين سان ملاقات ڪري کين واپاري قتل جي واقعي سميت لاڙڪاڻي، ڪشمور، شڪارپور ۽ گھوٽڪي ضلعن ۾ امن امان جي ڪرائڻ بابت ايوان ۾ آواز اٿارڻ جو چيو، جن طرفان اهڙن معاملن تي سينيٽ آف پاڪستان ۾ ڀرپور آواز اٿارڻ جي خاطري ڪرائي آهي.