لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ڦر مزاحمت تي قتل ٿي ويل هندو واپاري سنجي ڪمار واري معاملي ۾ اڳڀرائي نه ٿي سگهي، پوليس قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، وارثن ۽ هندو پنچائت جي چيئرمين پوليس مٿان بي اعتمادي ظاهر ڪندي جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيسن ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪرڻ جي گهر ڪئي آھي، شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد باقراڻي روڊ الله والي مسجد ڀرسان 6 ڏينهن اڳ ڦر مزاحمت تي زخمي ٿيڻ بعد هڪ ڏينهن اڳ ڪراچيءَ جي خانگي اسپتال ۾ فوت ٿي ويل هندو واپاري سنجي ڪمار ۽ ساڳي ئي ڏينهن ڦر مزاحمت تي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد وڏي مڇي مارڪيٽ واري علائقي ۾ زخمي ٿيل رونق آهوجا واري واقعي ۾ اڃان تائين ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي،ان حوالي سان پوڄ هندو پنچائت جي چيئرمين هريش لال ٻڌايو ته پوليس طرفان هن وقت تائين سنجي ڪمار واري واقعي ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي، جنهن ڪري وارث ۽ هندو پنچائت پوليس جاچ مان مطمئن ناهي، ايس ايس پي احمد چوڌري رابطو ڪيو جنهن کي اسان چيو آهي ته سنجي ڪمار جي قاتلن کي گرفتار ڪري ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا وڃن ڇاڪاڻ سنجي ڪمار ۽ رونق آهوجا وارا واقعا دهشتگردي وارا آهن، جن واقعن ۾ دهشتگردي جا قلم شامل نه ڪري وڏي زيادتي ڪئي وئي آهي. هن مطالبو ڪيو ته سنجي ڪمار ۽ رونق آهوجا وارن واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ٻنهي ڪيسن ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا وڃن ٻي صورت پوڄ هندو پنچائت جي گڏجاڻيءَ سڏائي مستقبل جي لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو. ٻي طرف دڙي ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته واقعي جي جاچ جاري آهي، جلد جوابدارن تائين پهچي کين گرفتار ڪيو ويندو.