لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي ڪاروباري مرڪزن رشيم گلي، شاهي بازار ۽ بندرروڊ وارن علائقن ۾ سون، جنرل اسٽور، بوٽ، پنسار ۽ ڪپڙي جي واپارين مبينا طور ڪروڙين رپين جي فراڊ ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي واپارين محمد اشفاق موهل، اويس شيخ، امجد شيخ، صفدر شيخ، اسحاق شيخ ۽ ٻين چيو ته سوناري در محمد شيخ کان سون خريد ۽ وڪرو ڪندا هئاسين، جيڪو تقريبن مهينو اڳ رشيم گلي، شاهي بازار ۽ بندر روڊ وارن واپاري مرڪزن جي لڳ ڀڳ 250 واپارين سان 150 ڪروڙن جو فراڊ ڪري پئسا ۽ سون کڻي فرار ٿي ويو آهي، هنن چيو ته مارڪيٽ ٿاڻي تي 4 ڪيس داخل ڪرايا آهن، پر پوليس فراڊ ڪندڙ سوناري کي هٿ ڪري نه سگهي آهي، هنن چيو ته فراڊي سوناري جا پٽ ارسلان ۽ نعمان شيخ سوشل ميڊيا تي پيءُ جي اغوا جو ڪوڙو ڊرامو رچائي اجائي واويلا ڪري رهيو آهي، هنن سوناري خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.