لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مينهن جو واڙو هلائيندڙ 5 ٻارن جو پورهيت مالوند قتل ٿي ويو، شهر جي وليد ٿاڻي جي حد ياسين چوڪ واري علائقي ۾ اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن شهر جي يار محمد ڪالوني واسي مال جي واڙي مالڪ مالوند اڌڙوٽ نبي بخش پٽ علي گوهر جتوئي کي گوليون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، اهڙي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل وٺي زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو پئي ته زخمي رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، جنهن کان پوءِ مقتول جو لاش ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو. ان موقعي تي مقتول جي ڀاءُ ممتاز علي جتوئي ٻڌايو ته اسان ڳوٺ ڦلڻ جتوئي جا رهواسي آهيون، اسان جي مائٽن جو پاڻ ۾ پراڻي دشمني آهي، پر ڀاءُ نبي بخش ۽ اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي، منهنجي ڀاءُ کي 5 ٻارن جي اولاد آهي جيڪو مينهن جو واڙو هلائي گهر ڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو هو، جنهن کي اڄ موٽرسائيڪل سوار 4 هٿياربندن گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث سمورن هٿياربندن کي گرفتار ڪري سندس جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. ان حوالي سان وليد ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته مقتول جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي گهر روانا ٿي ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول نبي بخش جتوئي اصل لاشاري جي ڳوٺ ڦلڻ جتوئي آهي، جيڪو ڪجهه سال اڳ ڳوٺ مان لڏي شهر جي يار محمد ڪالوني ۾ رهائش اختيار ڪئي جتي هو مينهن جو واڙو هلائي گهر ڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو هو. هوڏانهن آخري اطلائن تائين پوليس واقعي جا ڪارڻ معلوم نه ڪري سگهي.