لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد گجڻ پور چوڪ واري علائقي ۾ ٽن هٿياربندن بئڪري کولڻ وقت بئڪري مان ساڍا 3 لک رپيا روڪ رقم ۽ 2 موبائيل فونون ڦر ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته بئڪري مالڪ غلام عباس راجپوت ڦورن سان مزاحمت ڪئي، جنهن تي ڦورن کيس تشدد جو نشانو بڻائي روڪ رقم ۽ موبائيل فونون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي ڊي ايس پي حيدري پارس بکراڻي ايس ايچ او حيدري سان گڏجي پوليس اٽالا ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل وٺي ۽ سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ ڪري بئڪري مالڪ کي ڦورن جي گرفتاريءَ جي خاطري ڪرائي.