لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد علي ڪار واش واري علائقي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربند ڦورن هٿيارن جي زور تي اسڪول جي هيڊماستر اصغر شيخ کي يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل، موبائل فون ۽ هزارين رپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، اهڙي واقعي جا سي سي ٽي فوٽيجز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويا آهن، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڦورو ڦر ڪرڻ بعد موٽرسائيڪل تي چڙهي فرار ٿي رهيا آهن، ان حوالي سان متاثر هيڊماستر اصغر علي چيو ته پوليس جي لاپرواهي سبب بدامني آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.