لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ ھاري ڪاميٽي طرفان سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ، سنڌو درياهه مان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ، سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني، مھانگائي، ڪرپشن خلاف ۽ سکر جي سنگرار واري علائقي مان اغوا ٿي ويل ٻارڙي پريا ڪماري کي بازياب نه ڪرائڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو جتي هنن هٿن ۾ تنظيمي جهنڊا کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽي جي 17 ورھين جي دور ۾ پيپلزپارٽي سنڌ جي ماڻھن کي سواءِ بک، بدحالي، بدامني، مھانگائي ۽ ڪرپشن جي ٻيو ڪجھ ناھي ڏنو، پيپلز پارٽي اقتدار خاطر سنڌ سان غداري ڪري رھي آھي، سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي نيلام ڪيون پيون وڃن، انھن زمينن تي سنڌ جي غريب مسڪين ھارين جو حق آھي. هن چيو ته سنڌ جي زراعت مڪمل تباهه ٿي وئي آهي، بجيٽ ۾ زراعت لاءِ ڪو به پيڪيج نه ڏنو ويو، تيل جي اگھن ۾ واڌ ڪري غريب عوام سان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي، اڳي ئي تمام گهڻي مھانگائي آھي، تيل جي قيمتن کي وڌائڻ سان مھانگائي جو طوفان ايندو. ھن چيو ته جيڪڏھن تڪراري ڪئنال ٺھيا ته سنڌ جون زمينون بنجر بڻجي وينديون ۽ سنڌ جو وجود خطري ۾ پئجي ويندو. هن چيو ته پريا ڪماري اڃا تائين آزاد ناھي ٿي، پريا جا والدين سخت پريشان آھن جيڪا سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي وڏو سوال آھي پر اسين خاموش نه ويهنداسين، پيپلز پارٽي کي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي زمينون وڪڻڻ نه ڏينداسين ۽ اسان پنهنجي جدوجھد جاري رکنداسين.