لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر ڀرسان ماهوٽا ٿاڻي جي حد چوهڙپور واري علائقي جي مڇي فارم وٽان گذريل ڏينهن رڍون ۽ ٻڪريون چاريندڙ چوهڙپور واسي 12 ورهين جي ڌنار نينگر ناهيد پٽ منظور شاهاڻي جو رسي سان گهٽا ڏنل لاش هٿ آيو هو، جنهن واقعي جو ڪيس مقتول نينگر جي پيءُ منظور شاهاڻي جي فرياد تي حد جي ماهوٽا ٿاڻي تي جوابدار محمد حسن پٽ غلام رسول مري ۽ هڪ اڻڄاتل جوابدار مٿان داخل ڪرايو آهي جنهن ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو آهي ته جوابدار محمد حسن مري ۽ هڪ اڻڄاتل جوابدار منهنجي پٽ کان رڍون ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي جوابدارن پٽ کي رسي سان گهٽا ڏئي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن. هن مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي، ٻئي پاسي ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس ڪارروائي ڪري جوابدار محمد حسن مري کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ان حوالي سان ماهوٽا ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ هو ته گرفتار جوابدار کي رمانڊ لاءِ لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪري کانئنس جاچ ڪئي پئي وڃي.