لاڙڪاڻو( رپورٽ نادر ابڙو ) لاڙڪاڻي جي حيدري ٿاڻي جي حد پيرزاده ڪالوني مان مهينو اڳ اغوا ٿيل 7 ورهين جي نينگر شعيب سومرو جو اڃان تائين ڏس پتو نه پئجي سگهيو. لاڙڪاڻي جي سماجي ۽ واپاري تنظيمن جي اڳواڻن عاشق ٻوسڻ، رشيد شيخ، عبدالرئوف شيخ، اياز سومرو، عبدالاحد سرهيو ۽ ٻين وفد جي صورت ۾ نينگر جي والد احسان سومرو سان ملاقات ڪري واقعي بابت تفصيل ورتا.سماجي ۽ واپاري تنظيمن جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته نينگر جي وارثن سان گڏ آهيون، اڄ وارثن سان گڏجي نينگر جي بازيابيءَ لاءِ ايس ايس پي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويندو.احسان سومرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پوليس پٽ کي بازيابي ناهي ڪرائي سگهي، اڄ ڌرڻو هڻنداسين. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي حيدري پوليس ٻڌايو ته معاملي جي ٽيڪنيڪل طريقي سان جاچ جاري آهي تمام جلد ڏوهارين جو پتو لڳائي نينگر کي بازياب ڪرايو ويندو.نينگر جي وارثن کان 3 ڪروڙ ڀنگ گهريو ويو آهي.