لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد محمد پور محلا ۾ 28 ورهين جي نوجوان فيصل پٽ فخرالدين پٺاڻ جو گهر ٻاهران گولي لڳل لاش هٿ ڪيو ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، نوجوان جي ڀاءُ شيراز پٺاڻ ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ جو گهر ٻاهران گولي لڳل لاش پيل ۽ پسٽل سندس جهولي ۾ پيل هو، ڪجهه عرصو اڳ ڀاءُ فيصل پرڏيهه وڃڻ جي لاءِ والد کي چيو جنهن کي والد خاطري به ڪرائي، ٿي سگهي ٿو ته ڀاءُ ان معاملي تان اهڙو قدم کنيو هجي. ٻي طرف پوليس موجب نوجوان گهر ٻاهران پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪئي آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.