لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) قمبر ڀرسان ڳوٺ ڳڙهي ڪرٽيو ۾ ننڍي ڀيڻ سان ڪاوڙجي 16 ورهين جي نورجهان ڌيءَ عبدالستار چانڊيو گهر اندر ڪوئا مار زهر کائي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي وارثن طرفان کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ نورجهان جي وارثن ٻڌايو ته صبح جي وقت نورجهان ۽ سندس ننڍي ڀيڻ وچ ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو جنهن کان پوءِ نورجهان ڪاوڙ ۾ اچي گهر ۾ پيل ڪوئا مار زهر کائي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي.