لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان نوجوان ناري مبينا گهرو اڻبڻت تان ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي، ماهوٽا ٿاڻي جي حد ڳوٺ آگاڻي ۾ 26 ورهين جي ناري دعا ڌيءَ رفيق احمد آگاڻي مبينا گهرو اڻبڻت تان گهر اندر ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي، لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ان حوالي سان ناري جي وارثن جو چوڻ هو ته دعا گهرو اڻبڻت تان گهر اندر ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي. پوليس موجب واقعو گهرو اڻبڻت تان پيش آيو آهي.