لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي حيدري ٿاڻي جي حد رسول آباد پاڙي ۾ ريلوي پٽڙي تي راند کيڏڻ دوران ڪوٽڙي کان روهڙي ويندڙ موهن جو دڙو ٽرين هيٺيان اچڻ جي نتيجي ۾ 9 ورهين جو نينگر انوپ پٽ ديارام تڏي تي فوت ٿي ويو،  لاش وارث گهر کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي روڄ راڙو پئجي ويو ۽ سندس امڙ کي بيهوشيءَ جا دورا پئجي ويا. ان موقعي تي فوتي نينگر جي وارثن ٻڌايو ته اسان جو نينگر پاڙي ڀرسان گذرندڙ ريلوي پٽڙي تي راند کيڏي رهيو هو جتي موهن جو دڙو پسينجر ٽرين هيٺيان اچڻ سبب هو فوت ٿي ويو آهي. هوڏانهن حد حيدري ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته رسول آباد واسي پورهيت ديا رام جو پٽ نينگر انوپ ڪمار ٽرين جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيڻ بعد زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، وارثن کي اسان پوسٽ مارٽم لاءِ چيو پر هنن واقعي کي اتفاقي قرار ڏيندي پوسٽ مارٽم کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.