لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ 13 ڏينهن اڳ مبينا طور ويسي جي پئسن جي تان قتل ٿيل چئن ٻارن جي بيواهه امڙ بلقيس کهاوڙ جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مقتول عورت جي ڌيئرن صنم ۽ ڪومل کهاوڙ پنهنجي ٻين گهرڀاتين سان گڏجي دانهيندي چيو ته بلقيس جا مظهر کهاوڙ جي گهر واري خورشيد کهاوڙ ڏانهن ويسي جا 5 لک 30 هزار رپيا هئا، جيڪي گهرڻ تان مظهر کهاوڙ پنهنجي پٽ فياض،  وزير کهاوڙ ۽ پيارل سانڀل سان گڏجي امڙ کي قتل ڪيو، هنن چيو ته پوليس هن وقت تائين رڳو هڪ جوابدار وزير کهاوڙ کي گرفتار ڪري سگهي آهي، جڏهن ته مک جوابدار مظهر کهاوڙ ۽ ٻين آزاد آهن، جيڪي ڌمڪيون پيا ڏين، هنن جوابدار گرفتار ڪرڻ جي گهر ڪئي.