لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ عوامي ورڪرز پارٽي طرفان مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت واري قانون تي عمل نه ٿيڻ پيشين ۽ اجرت ۾ واڌ نه ٿيڻ توڙي مزدور دشمن پاليسين خلاف پريس ڪلب لاڙڪاڻو اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڪامريڊ ذوالفقار بروهي، اثر امام، مٺل بلوچ، مشتاق احمد، سڪندر علي ڏاهري، منظور ڪلهوڙو، مرتضيٰ ڪورائي ۽ ٻين چيو ته ملڪ تي سيٺين جي حڪومت قائم آهي، هر پاليسي مزدور دشمني تي ٻڌل اختيار ڪئي پئي وڃي، پينشن سڌارن جي آڙ ۾ رٽائرڊ مزدورن جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي، ٻئي پاسي مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت واري قانون تي سرڪاري ادارن ۾ به عمل نه ٿو ڪيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 60 هزار ڪري مزدورن کي اِي او بي آءِ اداري طرفان ملندڙ پينشن وڌائي 30 هزار رپيا ڪئي وڃي.