لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن پاڪستان طرفان سنڌو درياءَ مٿان 6 نوان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ جي ذريعي سنڌ جي زمين ڪمپنين کي ڏيڻ، سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ طرفان مزدورن کي ڊيٿ گرانٽ، ٻارن کي اسڪالرشپ، نياڻين کي ڏاج سميت ٻيون اسڪيمون روڪي مزدورن جي فنڊن ۾ مبينا خردبرد خلاف ريلي ڪڍي جناح باغ وٽ  ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙن زوار گوپانگ، گل ڪورائي، قادر ڪُرد، بشير ديناري، جميل ڀٽي، شعيب گوپانگ، غلام حيدر هڪڙو، رضا اسران، محمد خان لاشاري، زاهد ڪلر ۽ ٻين جو چوڻ هو ته حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب سنڌ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب مزدور طبقو پيڙهجي ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوان ڪئنال ٺاهڻ وارو فيصلو واپس وٺي زمينن تي قبضا بند ڪري مسئلا حل ڪيا وڃن.