لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ مزدا ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ گهوٽ جو ڀاءُ فوت، شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل، تفصيل موجب شهر جي  رسول آباد محلي رائيس ڪئنال روڊ تي تيز رفتار مزدا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 30 ورهين جو نوجوان آصف علي کوکر ۽ سندس ماروٽ ڳوٺ مٺو ديرو واسي 25 ورهين جو اقرار موهل سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال آندو ويو، جتي آصف علي کوکر زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، فوتي نوجوان جي ماروٽ احسان علي ٻڌايو ته سڀاڻي فوتي آصف علي کوکر جي ڀاءُ منٺار علي جي شادي رٿيل هئي، جنهن ۾ آيل مهمانن لاءِ آصف علي ۽ اقرار موهل موٽرسائيڪل تي چڙهي لاهوري محلي مان برف وٺڻ ويا ته حادثو ٿيو، نوجوان جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، پوليس مزدا ڊرائيور عباس شيخ کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.