لاڙڪاڻي ۾ مريض جي علاج بهاني ڀوپي جي نشو ڏئي 3 نينگرن سان بدفعلي، گرفتار

0
149
لاڙڪاڻي ۾ مريض جي علاج بهاني ڀوپي جي نشو ڏئي 3 نينگرن سان بدفعلي، گرفتار
لاڙڪاڻي ۾ مريض جي علاج بهاني ڀوپي جي نشو ڏئي 3 نينگرن سان بدفعلي، گرفتار

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي يار محمد ڪالوني ۾ مبينا طور فالج ۾ مبتلا پيرسن جي لاءِ پڙهائي ڪندڙ نور ڪالوني واسي ڀوپي حسين شاهه 3 نينگرن 12 سالن جي دلشاد بروهي، عرفان بروهي ۽ وحيد بروهي کي نشو ڏئي بيهوش ڪرڻ بعد بدفعلي جو نشانو بڻايو ۽ فرار ٿي ويو

اهڙو اطلاع نينگرن جي وارثن پوليس کي ڏنو، جنهن تي پوليس ڪارروائي ڪري الزام هيٺ آيل ڀوپي کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي، متاثر نينگر جي وارث اخلاق بروهي ٻڌايو ته اسان جي مائٽ گلزار بروهي جي امڙ فالج جي مرض ۾ مبتلا آهي، جنهن جي علاج بهاني پوليس وردي پهريل ڀوپي حسين شاهه گذريل رات اسان جي ٽن نينگرن ۽ هڪ نينگري کي پاڻ وٽ گهرائي ڪمري ۾ بند ڪري پڙهائي شروع ڪئي

جتي ڀوپي هڪ ڪتاب اسان جي نينگرن کي ڏئي پڙهائي شروع ڪري ٽنهي نينگرن کي نشو ڏئي بيهوش ڪرڻ بعد بدفعلي جو نشانو بڻايو، جن جي حالت خراب ٿي وئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته اصل حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ نينگرن جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويندو