لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) جي ڊي اي طرفان لاڙڪاڻي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 195 تي نامزد ڪيل اميدوار ڊاڪٽر صفدر علي عباسي جي قيادت ۾ شهر جي ڪوٽ داراب خان عباسي ۾ مختلف برادرين جي ماڻهن طرفان جي ڊي اي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. شموليت ڪندڙن ۾ انعام پيرزادو، محمد ابراهيم جهتيال، نور احمد بليدي، غلام محمد ڀٽي، افسر جتوئي، محمد عثمان لاکير، محمد عالم جتوئي ۽ ٻيا شامل هئا. ان موقعي تي ڊاڪٽر صفدر علي عباسي چيو ته اين اي 195 تي سپورٽ ڪرڻ سان گڏ جي ڊي اي ۾ شامل ٿيندڙن جو شڪريو ٿو ادا ڪريان ۽ انشاءِ الله 8 فيبروري جو ڏينهن 15 سالن جي ڪرپٽ لٽيرن جو آخري ڏينهن هوندو.