لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان حوالي سان ايس ايس پي احمد چوڌري ٻڌايو ته الھه آباد ٿاڻي جي حد ايئرويز واري علائقي ۾ گشت دوران پوليس ۽ ڏوهاري آمهون سامهون ٿيا، جتي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پوليس هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتو آهي. هن ٻڌايو ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري جي سڃاڻپ تلاوت حسين پٽ رياض حسين سيد طور ٿي آهي، جيڪو سنگين نوعيت جي وارداتن ۽ ڪيسن ۾ ملوث آهي. جنهن جي وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ جي جاچ جاري آهي.