لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ مبينا طور ڪارنهن الزام تان زخمي ڪيل اي ايس آءِ فوت: هڪ جوابدار گرفتار، گذريل ڏينهن حيدري ٿاڻي جي حد نادرا آفيس ڀرسان ڳوٺ رسول بخش ڏاهاڻي واسي سچل ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪندڙ اي ايس آءِ امداد علي ڏاهاڻي کي ڪارنهن الزام هيٺ ڏنڊا بردارن ڏنڊا هڻي زخمي ڪري ڇڏيو هو، زخمي اي ايس آءِ کي کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو، جتي اي ايس آءِ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو آهي، حيدري ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته گذريل ڏينهن عمراڻي ذات سان واسطو رکندڙ هٿياربندن ڏنڊا هڻي اي ايس آءِ امداد علي ڏاهاڻي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو هو، جيڪو ٽراما سينٽر ۾ علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي، پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته وارث جيئن آيا ته ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو، پوليس ذريعن موجب هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ٻي طرف قتل ٿي اي ايس آءِ امدا ڏاهاڻي جي وارث تيمور ڏاهاڻي ٻڌايو ته عمراڻي ذات سان تعلق رکندڙ ماڻهن 5 لک رپيا ڦر ڪري ڏنڊا ۽ سيخون هڻي قتل ڪيو آهي، هن پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته مقتول تي ڪارنهن جو ڪوڙو الزام هڻي رهيا آهن، جيڪا سراسر نا انصافي آهي، جوابدار ڌر ڪڏهن به ڪارنهن معاملي جو اسان جي معززن کي ڪا آگاهي نه ڏني هئي، هن پوليس اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي نوٽيس وٺي ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.