لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ لوڊشيڊنگ خلاف نوجوان اسلام آباد ۾ احتجاج ڪيو. لاڙڪاڻي جي رحمت پور لطيف ڪالوني واسي نوجوان محمد عمير ڪلهوڙو لاڙڪاڻي ۾ سخت گرميءَ جي باوجود 18 کان 20 ڪلاڪن جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد جي فيصل مسجد اڳيان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي نوجوان چيو ته مان دعويٰ سان ٿو چوان ته نه صرف پاڪستان پر پوري دنيا جي ڪنهن به ڪنڊڪڙڇ ۾ ايتري لوڊشيڊنگ نه ٿي ٿئي، جيتري لاڙڪاڻو شهر ۾ ٿي رهي آهي، پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻو ۾ سيپڪو بجليءَ جي واهپيدارن سان ظلم ۽ ناانصافيءَ جي انتها ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته منهنجي شهر لاڙڪاڻو جي مالڪيءَ ۽ سار سنڀال جو سوال آهي، لاڙڪاڻو ۾ سخت گرميءَ دوران مختلف وقتن تي شهرين پاران احتجاج، ڌرڻا ۽ بک هڙتالون ڪيون آهن، پر ان جي باوجود لاڙڪاڻو جي ماڻهن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي ۽ بجليءَ جي واهپيدارن کي ڀت سان لڳايو ويو آهي. هن چيو ته اسان اسلام آباد سميت سنڌ، پنجاب، بلوچستان، خيبرپختونخواه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ سيپڪو طرفان اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج رڪارڊ ڪنداسين. احتجاج ڪندڙ نوجوان لاڙڪاڻو مان چونڊيل ايم اين اي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان اپيل ڪئي ته هو لاڙڪاڻو ۾ سيپڪو پاران جاري اڻ اعلانيل بجليءَ جي لوڊشيڊنگ خلاف قومي اسيمبلي ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرائي ته جيئن لاڙڪاڻو جي رهواسين کي بجليءَ جي مد ۾ رليف ملي سگهي.