لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ لاهوتي ميلو پڄاڻي تي پهتو، مختلف سيشن، سرن ورکا  لاهوتي ميلي ٻئي ڏينهن تي پهريون سيشن “ريپ فار ريزسٽنس”جي عنوان سان ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي مشهور ريپ عورت ۽ مرد فنڪارن آصف بالي، ڪڪي، اي ڪي اسڪاءِ، اووي آگ ۽ پنهنجي گينگ پنهنجا ويچار ونڊيا، جڏهن ته هن سيشن جي ماڊيريٽر ڪلچرل جرنلسٽ ۽ فلم ميڪر مديحه سيد هئي. ان موقعي تي ريپ فنڪارن جو چوڻ هو ته موسيقي لکين ماڻهن تائين پنهنجا احساس، سوچون، پيغام ۽ ثقافت کي پهچائڻ جو تمام سٺو ذريعو آهي، ريپ ميوزڪ جديد موسيقي جو هڪ قسم آهي، جنهن ذريعي نسل پرستي، غربت، محرومين، انتهاپسندي ۽ ٻين سماجي مسئلن خلاف آواز بلند ڪيو وڃي ٿو ۽ ان کي اظهار راءِ، اختلاف راءِ توڙي عوامي سجاڳي لاءِ پڻ ڪتب آندو وڃي ٿو. هنن چيو ته اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا، اھو تمام گهڻن مسئلن جو شڪار آهي، اهڙي سماج ۾ موسيقيءَ ذريعي ترت تبديلي آڻي سگهجي ٿي، تنهن ڪري اسان ريپ ميوزڪ جي فن ذريعي معاشري ۾ سجاڳي پيدا ڪري پنهنجي سماجي ذميواري نڀائي رهيا آهيون، ان سفر جي شروعات ۾ اسان کي تمام گهڻين تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو، خاص ڪري عورت فنڪارن کي هتي ڇتي تنقيد جو نشانو گهڻو بڻايو وڃي ٿو، پر اسان سڀني سخت محنت ڪري پنهنجو نالو ڪمايو آهي، اسان سان پنهنجي خاندانن ساٿ ڏنو، اڄ جڏهن سڄي دنيا اسان سان پيار جو اظهار ڪري ٿي ته اسان جي دل ڏاڍي خوش ٿئي ٿي، اھا ئي اسان جي وڏي ڪاميابي آهي. لاهوتي ميلي ۾ ورثي کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ بابت ٻيو سيشن ٿيو، جنهن ۾ آرڪيالاجسٽ قاصد ملاح، لاهوتي ميلي جي باني ۽ مشهور راڳي سيف سميجو، ٿيٽر آرٽسٽ ۽ ميوزيشن المرتا مالوالا، وزيوئل آرٽسٽ پکي، ناليواري صحافي شاهزيب جيلاني ۽ ٻين مهمانن طرفان پنهنجي تاريخي ورثي کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس جي ضرورت توڙي اهميت بابت بحث ۾ حصو ورتو. ان موقعي تي آرڪيالاجسٽ قاصد ملاح جو چوڻ هو ته سڄي دنيا ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس تحلڪو مچائي ڇڏيو آهي، دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ماڳن، مقانن توڙي تاريخي ۽ ثقافتي ورثن کي ڊجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي، پر افسوس جو اسان جي سرڪار وٽ اهڙو ڪو پروگرام ڪونهي، اسان وٽ سرڪار طرفان طرفان لاپرواهي ۽ بي ڌياني جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن اسان جو ٽوئرزم ڊپارٽمينٽ يا ٻيا سرڪاري ادارا موهن جو دڙو جي ماڳ ۽ تاريخ کي ڊجيٽلائيز ڪيو وڃي ته سياحن کي تمام گهڻي آساني ٿيندي، پر هتي ايئن ناهي، هتي ان کي ترجيح نه پئي ڏني وڃي يا ان کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، منهنجي هن پليٽفارم تان سرڪار کي گذارش آهي ته پنهنجي تاريخي، ثقافتي ۽ فني ورثي کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ طرف ڌيان ڏنو وڃي. سيف سميجو ڳالهائيندي چيو ته هتي اهو تاثر ڏنو وڃي ٿو ته ڪو به ڪم سرڪار ڪري ته پوءِ سڌارو ايندو، پر مان سمجهان ٿو ته پنهنجي تاريخي، ثقافتي ۽ فني ورثي کي خانگي طور ڊجيٽلائيز ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي، ڇاڪاڻ ته سڄي دنيا اندر خانگي طور ان تي تمام گهڻو ڪم ٿي رهيو آهي، بس ان لاءِ سجاڳي، جذبو ۽ عشق هجڻ لازمي آهي، اسان پاڻ به اهو ڪم رهيا آهيون، هي لاهوتي ميلو به هتي گرائونڊ تي ڪرڻ سان گڏ اسان ڊجيٽل گرائونڊ تي پڻ انٽرنيٽ ذريعي سڄي دنيا آڏو پيش ڪري رهيا آهيون. لاهوتي ميلي ۾ فلم، ٽي وي ۽ جامع ڪهاڻين جي ذريعي علائقائي ۽ مين اسٽريم ميڊيا کي ڳنڍڻ جي موضوع تي سيشن ٿيو، جنهن جو ماڊيريٽر رافع محمود هئو، جڏهن ته سيشن ۾ اڪيڊمڪ اداڪاره تازين حسين، ناليوارو ڊرامه ڊائريڪٽر فاروق رند، اداڪاره حرا سومرو ۽ فلمساز راهول اعجاز بحث ۾ حصو ورتو. جن جو چوڻ هو ته پراڻي زماني ۾ پي ٽي وي تي وارث ۽ ديوارين سميت ٻيا جڳ مشهور ڊراما نشر ڪيا ويا، جيڪي موجوده دور ۾ اڃان وڌيڪ بهتر نموني سان نشر ٿي سگهن ٿا، پر ڪجهه چئنلن ڊرامن جي ڪهاڻين جي تباهي ڪري ڇڏي آهي، پراڻي دور جهڙا ڊراما پيش نه ٿا ڪيا وڃن، پيش ٿيندڙ ڊرامن جا موضوع به هتان جا ناهن، مين اسٽريم ميڊيا ۽ ڊجيٽل ميڊيا ڏسندڙن جي گهرج ۽ شوق الڳ الڳ آهن، شايد مين اسٽريم ميڊيا ان ڳالهه کي نه پئي سمجهي ۽ جواب نه پئي ڏئي، وقت گذرڻ کان پوءِ انهن ڊرامن جو ڇا ٿيندو، تنهن ڪري پاڪستان ۾ به مين اسٽريم کي انهن شين کي سمجهڻ گهرجي. هنن چيو ته هن وقت به ماڻهو مختصر ڊراما ۽ فلمون ڏسندا آهن، ٽي وي اڳيان اسان جون مائرون ۽ والد ويٺا هوندا آهن، نوجوان ته پنهنجي مرضي جا پروگرام موبائيل تي ڏسن ٿا، پر هر پليٽفارم جو مواد الڳ الڳ هوندو آهي، اسان کي ڪراچي ۽ لاهور کان هٽي ڪري سنڌ جي لاڙڪاڻي، سکر ۽ ٻين شهرن توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ به ڊراما ٺاهڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته اهي به اسان جي ملڪ آهن، ملڪ جي سڀني ماڻهن کي ملائڻ گهرجي. هنن چيو ته سنڌي ڊرامن ۾ جن اداڪارن ۽ اداڪارائن 30 سال اڳ ڪم ڪيو هو، اڄ انهن مان ڪو به ڊرامن ۾ نظر نه پيو اچي، جن کي سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ گهرجي. سنڌو درياءَ تي “سنڌوءَ جي گونج” نالي فلم ٺاهيندڙ ڊائريڪٽر ۽ فلمساز راهول اعجاز هن سيشن ۾ ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياءَ نه هجي ها ته اسين سڀ نه هجون ها، سنڌو درياءَ سان منهنجو دلي لڳاءُ آهي، تنهن ڪري مان ان تي فلم ٺاهي، سنڌو درياھ جو نالو کڻندي منهنجي ذهن ۾ درياءَ هڪ خوبصورت عورت جي شڪل بڻجي ويندو آهي ۽ مان ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪندو آهي، مان مسلسل سنڌو درياھ تي لکندو رهندس. لاهوتي ميلي ۾ “اسان آهيون لاهوتين ۾” جي سِري هيٺ پروگرام ۾ مشهور مزاحيه فنڪارن شيردل ڳاهو ۽ واحد رضا مزاحيه ٽوٽڪا ٻڌائي کيرو ڪري ڇڏيو. لاهوتي ميلي ۾ ناليواري بوڙيندو نواز ذوالفقار شر، مرلي نواز ولو جوڳي، هيرو جوڳي، آمريڪي الغوزي نواز ناٿن ٽارينس، پرڏيهي ڊي جي سبرين ٽيرينس، اتحاد بئنڊ، ريپ فنڪار آصف بالي، ڪڪي، اي ڪي اسڪاءِ، اوي آگ، پنهنجي گينگ، ملڪ جي مشهور ڳائڻي حديقه ڪياني، نوجوان راڳي عمير جسوال، سيف سميجو، سنڌ جي مشهور راڳي استاد خان صاحب غلام شبير سمون، شاهين رسيالي ۽ ٻين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري مختلف قسم جي موسيقي، ريپ ميوزڪ ۽ سازن سان ويٺل ماڻهن کي جهومڻ تي جمهور ڪري ڇڏيو اهڙي طرح رات دير تائين لاهوتي ميلو جاري رهيو جنهن دوران نوجوان ڇوڪرا، ڇوڪري، ٻار توڙي هر عمر جا ماڻهو سُرن تي جهومندي لطف اندوز ٿيندا رهيا.