لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي مختلف علائقن جي رهواسين بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف جي ٽي روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي ڪئمپ ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاس ٽريفڪ جام ٿي وئي، جنهن ڪري شهرين کي سخت مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي ويو، جتي هنن سيپڪو انتظاميه خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي شهر جي غريب آباد، شيخ زيد ڪالوني، عباس ڪالوني، ميراڻي محلا سميت مختلف علائقن جي رهواسين بشير حسين ملگاڻي، رفيق احمد بروهي، محب حسين مگسي، جمن لولائي ۽ ٻين ناليواري سماجي اڳواڻ ۽ ليکڪه ناياب سرڪش سنڌي سان گڏجي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ 50 سينٽي گريڊ گرمي ۾ سيپڪو انتظاميه طرفان گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان وٺي مسلسل 20 کان 22 ڪلاڪن تائين بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن ڪري گهرن ۾ معصوم ٻارڙن، عورتن ۽ پيرسن توڙي مريضن کي سخت مشڪلايون پيش اچي رهيون آهن، بجلي نه هئڻ جي ڪري پيئڻ توڙي استعمال جي پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي ۽ علائقي واسي گيسٽرو سميت ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف اسان ڪافي ڀيرا احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا، پر ڪو تدارڪ نه ڪيو ويو، مهينو اڳ ڌرڻي دوران سيپڪو جي انجنيئر رياض منگي ڌرڻي ۾ پهچي خاطري ڪرائي ته بجلي جي لوڊشيڊنگ جي مسئلي کي حل ڪيو ويندو، جيڪو مسئلو حل ٿي نه سگهيو ويتر سخت گرميءَ ۾ ٻيهر بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ شروع ڪئي وئي آهي جنهن ڪري 24 ڪلاڪن ۾ صرف 2 ڪلاڪ بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي، جيڪا وڏي ناجائزي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪري رليف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.