لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو مقتل گاهه بڻجي ويو، عيدالاضحيٰ واري ڏهاڙي تي هٿياربندن مختلف واقعن ۾ فائرنگ ڪري 3 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ عيدلاضحيٰ جي رات پراڻي تڪرار تان ڊيوٽي دوران جيل پوليس جي اهلڪار محمد حسين چانڊيو پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيس ۾ جيل ڀوڳيندڙ قمبر تعلقي جي ڳوٺ پارو ابڙو واسي نوجوان قيدي علي رضا عرف لکهمير چانڊيو کي قتل ڪري ڇڏيو، جيل پوليس اهلڪار حسين چانڊيو کي گرفتار ڪري پسٽل هٿ ڪري ڪيو، واقعي جو آءِ جي جيل سنڌ نوٽيس وٺندي ڊيوٽي دوران غفلت جو مظاهرو ڪرڻ تي جيل پوليس جي ڊپٽي سپريٽيڊنٽ، سيڪيورٽي آفيسر ۽ اسسٽنٽ سپريٽيڊنٽ، منشي سميت 11 آفيسرن ۽ اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو.. ٻئي پاسي عيدالاضحيٰ جي ڏهاڙي تي ماهوٽا ٿاڻي جي حد دودائي باءِ پاس وٽ گرگيج ذات جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن موٽرسائيڪل سوار ٽن ڀائرن مٿان فائرنگ ڪري ڏني نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 20 ورهين جو نوجوان ساعٿ علي پٽ علي جان گرگيج سندس ڀاءُ انصاف علي گرگيج تڏي تي قتل ٿي ويا جڏهن ته فائرنگ سبب مقتولن جو ننڍو ڀاءُ 13 ورهين جو نينگر غلام جان گرگيج سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع تي پوليس پهچي مقتولن جا لاش ۽ زخمي نينگر کي کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي مقتول ڀائرن جي پيءُ علي جان گرگيج ٻڌايو ته اسين اصل ڳڙهي خيرو ڀرسان ڳوٺ بهار گرگيج جا رهواسي آهيون، ڪجهه سال اڳ لڏي قمبر شهدادڪوٽ جي ڳوٺ سنجر ڀٽي ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ هينئر اسان جا لاڙڪاڻي شهر ۾ به گهر آهن. هن ٻڌايو ته منهنجا ٽئي پٽ موٽرسائيڪل تي سوار ٿي وڃي رهيا هئا ته دودائي باءِ پاس وٽ تاڙ ۾ ويٺل اسرار گرگيج، مهربان گرگيج، الياس گرگيج ۽ ٻين اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري منهنجي ٻن پٽن ساعٿ علي گرگيج ۽ انصاف گرگيج کي قتل ۽ ننڍي پٽ غلام جان گرگيج کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪجهه عرصو اڳ ڄاڻايل مائٽن اسان جي مٿان ڪوڙو الزام هنيو جنهن لاءِ اسان کين ڪيترائي ڀيرا ميڙ منٿ ڪيون پر ان جي باوجود جوابدارن منهنجي ٻن پٽن کي قتل ۽ ننڍي پٽ کي زخمي ڪري ظلم ڪيو آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هوڏانهن ايس ايس پي  روحل کوسو واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او ماهوٽا سان رابطو ڪري رپورٽ طلب ڪري ورتي.