لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ڳوٺ گل شيخ واسي عورتن صابرا شيخ، مومل شيخ، پٺاڻي شيخ، پري شيخ، مهناز شيخ جي اڳواڻي ۾ پاڪ ڪتاب کڻي پنهنجي ٻارن سان گڏجي بااثرن ۽ پوليس جي مبينا ناجائزين خلاف ايس ايس پي آفيس ٻاهران ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي عورتن دانهيندي الزام لڳايو ته مهينو اڳ تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ چوري ڪندي فائرنگ ۾ ساجد پٽ تاجل شيخ مارجي ويو هو جنهن جي پيءُ تاجل شيخ، چنيسر شيخ، ضمير شيخ، راجا شيخ ۽ ٻين ان واقعي کي قتل قرار ڏيندي الزام اسان جي وارثن محمد يونس شيخ، عمران شيخ ۽ صدام شيخ مٿان لڳائي ساجد شيخ جي چاچي چنيسر شيخ سندس جي قتل جو ڪوڙو ڪيس حد جي آريجا ڦيڙهو ٿاڻي تي داخل ڪرايو هو. پوليس اسان جي ٻن نوجوانن عمران شيخ ۽ صدام شيخ کي گرفتار ڪيو آهي، بااثرن اسان جي گهرن تي قبضو ڪري ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، گهرن تي ٿيل قبضا ختم ڪرائي تحفظ ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي.