لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ عوامي ورڪرز پارٽي طرفان تيل، بجلي ۽ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن عاليا بخشل، سينگار نوناري، فوزيه نوناري، ڪمال جنبلات، خان غفار خان ۽ ٻين چيو ته حڪومتون عوام کي ڪو به رليف ناهن ڏئي سگهيون، ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته آءِ ايم ايف ۽ ان جون پاليسون عوام دشمن آهن پر حڪرانن ان کان وڌيڪ عوام دشمن بڻجي چڪا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته تيل جا اگهه گهٽايا وڃن جيئن مهانگي تي ضابطو اچي سگهي.