لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي سر شاھنواز ڀٽو ميموريل لائبريري ۾ ميڊيڪل امتحانن جي تياري ڪندڙ شاگردن ميڊيڪل جي ورتل انٽري ٽيسٽ جو پرچو مبينا طور واٽس ايپ تي وڪرو ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مجاھد حسين مغيري، عاقب ڪهيري، اعزاز سومرو، اسد ڪلھوڙو، ايان نوناري ۽ ٻين الزام لڳائيندي چيو ته ٽيسٽ واٽس ايپ ذريعي پئسن عيوض وڪرو ڪئي وئي آھي، جنهن جا ثبوت پڻ اسان وٽ آهن، هنن مطالبو ڪيو ته اميدوارن کان آءِ بي اي ذريعي سنڌ جي ججن جي نگرانيءَ ۾ ٽيهر انٽري ٽيسٽ وٺي ميرٽ تي شاگردن کي داخلا ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.