لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) وفاقي وزير توانائي جي حڪم ۽ سي اِي او سيپڪو سکر اعجاز احمد چنه جي هدايتن تي بجلي جي واهپيدارن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ جناح باغ سب ڊويزن ۾ سپريٽيڊنٽ انجنيئر سيپڪو سرڪل لاڙڪاڻو خليل احمد چانڊيو ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر رياض حسين منگي جي اڳواڻيءَ ۾ کليل ڪچهري ڪوٺائي وئي،ڪچهري ۾ بجلي جي واهپيدارن طرفان بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ، ٽرپنگ، اضافي ميٽر ريڊنگ، بلنگ، ڊٽيڪشن، ڊسڪنيڪشن سميت بجلي جا نوان ڪنيڪشن لڳائڻ دوران پيش ايندڙ مسئلن بابت سيپڪو عملدارن آڏو شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، جنهن دوران سيپڪو عملدارن طرفان 200 کان وڌيڪ بجلي واهپيدارن جا مسئلا ٻڌي فوري حل ڪري ڇڏيا. خليل احمد چانڊيو ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر رياض حسين منگي موجب لاڙڪاڻو ريجن بجلي جي مد ۾ بجلي واهپيدارن ڏانهن 15 ارب رپين جو رهتون آهن، رهتون ادا نه ڪندڙن خلاف اينٽي ٿيفٽ مهم به جاري آهي.