لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ جي ثقافت، سياحت نوادرات ۽ آرڪائيز کاتي طرفان سنڌ ٽيلنٽ ھنٽ جي نالي سان سنڌ جي نوجوانن جي صلاحيتن ۾ اضافو ڪري اڳتي آڻڻ واري پروگرام تحت سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري ۾ گلوڪاري جي شعبي ۾ اڀرندڙ نوجوانن جي چونڊ ڪرڻ لاءِ صبح 9 وڳي کان شام 5 وڳي تائين آڊيشن ورتا ويا، جنهن ۾ لاڙڪاڻي سميت ٻين شهرن ۽ ڳوٺن سان واسطو رکندڙ 50 کان وڌيڪ نوجوان گلوڪارن حصو وٺي پنهنجي صلاحيتن کي اجاگر ڪيو. آڊيشن دوران سنڌ جي مشهور فنڪارن ۽ موسيقارن پي ٽي وي ڪراچي جي جنرل مئنيجر امجد حسين شاهه، راڳي استاد محمد حنيف لاشاري، راڳي برڪت علي، استاد غلام رسول، شاعر مختيار ملڪ ججز طور پنهنجا فرائض سرانجام ڏنا. جڏهن ته ميزبان طور ثاقب ابڙو آڊيشن ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ثقافت کاتي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر شمس الدين ڪلهوڙو ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي نون فنڪارن جي صلاحيتن ۾ اضافو ڪري توڙي کين اڳتي آڻڻ لاءِ سنڌ ٽيلنٽ ھنٽ جي نالي سان پروگرام شروع ڪيو ويو آهي.