لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ)  لاڙڪاڻي شهر جي غريب آباد ۽ شيخ زيد ڪالوني جي رهواسين ڪاڙهي واري گرميءَ ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ سيپڪو عملي جي ناجائزين خلاف جي ٽي روڊ تي سِرون رکي روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو، جنهن دوران معصوم ٻارڙا روڊ تي سمهي پيا ۽ ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ جام ٿي وئي،ان موقعي تي رهواسين صفت علي جتوئي، محبوب مگسي، صدام لاشاري، سجاد جاگيراڻي، اظهر ڪلهوڙو، سلام سانگي ۽ ٻين چيو ته مهانگائي واري دور ۾ به اسين بجلي جا بل باقاعدگي سان ادا ڪندا آهيون ۽ هن وقت اسان جي علائقي ۾ ڪو به ڪنڊا ڪنيڪشن ناهي پر ان جي باوجود لائين سپريٽيڊنٽ ۽ سيپڪو عملي جي چرچ تي سيپڪو انتظاميه طرفان اسان جي علائقي ۾ روزانو جي بنياد تي 20 کان 22 ڪلاڪ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، ڪاڙي واري گرميءَ ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، جنهن ڪري علائقي واسي مليريا، بخار سميت ٻين مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، مسلسل بجلي بند ٿين جي ڪري پاڻي جي کوٽ آهي، شڪايتن باوجود ڪير به دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته ڊگهي لوڊشيڊنگ جو خاتمو آڻي رليف فراهم ڪيو وڃي. ٻي صورت سيپڪو آفيسن جو گهيراءُ ڪري سخت احتجاج ڪيو ويندو.