لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ماڻهن جو ساھه سڪائي ڇڏيو، گهرن ۾ عورتون ٻارڙا پيرسن اذيتن ۾ گذارڻ لڳا، بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ هجڻ ڪري گهرن ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي، ان حوالي سان شهرين منظور شيخ غلام علي جتوئي نظر محمد مڱريو ماجد ٿيٻو سميت ٻين جو چوڻ هو ته سخت گرمي هجڻ باوجود لاڙڪاڻي شهر جي مختلف علائقن رحمت پور مراد واهڻ نظر محلا الھ آباد يار محمد ڪالوني فيصل ڪالوني سميت ٻين علائقن ۾ واپڊا سيپڪو اختيارين پاران 17 کان 18 ڪلاڪ بجلي جي اڻ اعلانيل ڊگهي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي جنهن سبب ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو آهي، ان سان گڏوگڏ بجلي جا واڌو ڊٽيڪشن بل موڪلڻ جو سلسلو به جاري آهي، جنهن ڪري انتهائي مشڪلاتن سان منهن ڏئي رهيا آهيون هنن وفاقي سرڪار سميت سيپڪو اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سخت گرمي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي ڪري واڌو بل موڪلڻ بند ڪري شھرين کي رليف فراهم ڪيو وڃي.