لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ ڪارنهن تهمت هيٺ ٻٽو قتل، عدالتي ٻڌڻي بعد پسند شادي ڪندڙ زال مڙس کي هٿياربندن ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري فرار ٿي ويا، 2 جوابدار گرفتار، شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد شهر ٻاهران ڦل روڊ بيت المال ڪالوني ۾ لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ ٻڌڻي بعد ماهوٽا ڀرسان ڳوٺ ڪوڏراڻي واسي 50 ورهين جي پورهيت نظير احمد ڪوڏراڻي ابڙو ۽ سندس گهر واري 34 ورهين جي فرزانه زنگيجو کي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ڊوڙائي گهر ۾ گهڙي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، اهڙي اطلاع تي ڊي ايس پي حيدري پارس بکراڻي پوليس اٽالا ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهتي، جتي هن جاءِ واردات جو معائنو ڪري مقتولن جي وارثن کان واقعي بابت تفصيل ورتا ۽ کين انصاف فراهم ڪرڻ جي خاطري پڻ ڪرائي.ٻي طرف   ڊي ايس پي پارس بکراڻي ٻڌايو ته  پوليس کي اطلاع مليو ته بيت المال ڪالوني جي هڪ گهر ۾ ٻه لاش پيا آهن جنهن کان پوءِ پنهنجي ٽيم ۽ پوليس اٽالا ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهچي جاءِ واردات جو معائنو ڪري وارثن کان معلومات ورتي آهي. هن چيو ته واقعي وقت مقتول جو پٽ ساڻس گڏ هو جنهن پوليس کي بيان ڏنو آهي ته ٽن موٽرسائيڪل تي 6 ڄڻا هئا جن گوليون هڻي ٻنهي زال مڙس کي قتل ڪيو آهي ۽ خدشو آهي ته هي ڪارو ڪاري جو مسئلو آهي تنهن ڪري ٻنهي زال مڙس کي ڪارو ڪاري تان قتل ڪيو ويو آهي. پوليس طرفان واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي تمام جلد ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. هوڏانهن پوسٽ مارٽم بعد مقتول زال مڙس جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا جهن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو .  ٻي طرف وارث  زال مڙس جا لاش کڻائي ڳوٺ گوڪل پور پهتا ته جوابدار ڌر طرفان انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري وارثن کي ٻنهي زال مڙس جا لاش دفنائڻ نه ڏنا، جنهن دوران ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال تي پوليس پهتي، وارثن طرفان مقتولن جا لاش کڻائي لاڙڪاڻي ڀرسان رشيد وڳڻ تي قائم ڳوٺ وريام جيهو ڀرسان قبرستان ۾ رات دير سان مقتول زال مڙس جي دفنايو ويو.مقتول زال مڙس جي وارث قائد ڪوڏراڻي ٻڌايو ته جوابدارن اسان جي ٻن ڄڻن کي قتل ڪرڻ بعد لاش دفنائڻ به نه ڏنا، جنهن ڪري اسان مجبور ٿي لاش کڻائي لاڙڪاڻي ڀرسان رشيد وڳڻ روڊ قائم ڳوٺ وريام جيهو ۾ دفنائي ڇڏيا آهن

بابا 15 مهينا اڳ پسند شادي ڪئي هئي: نظير احمد ابڙو

لاڙڪاڻو: مقتول نظير احمد ڪوڏراڻي ابڙو جي پٽ تنوير ڪوڏراڻي ابڙو ٻڌايو ته منهنجي والد نظير احمد ابڙو 15 مهينا اڳ گوڪل پور واسڻ فرزانه زنگيجو سان پسند جي شادي ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ نظام زنگيجو مون کي اغوا ڪري منهنجي والد ۽ ٻين کي بليڪ ميل ڪرڻ بعد پنهنجي پٽ، ڀائيٽن ۽ ٻين مائٽن سان گڏجي منهنجي والد جي گهر واري کي بهاني سان وٺي زبردستي ٻار ڪيرائي کيس وڪرو ڪيائون، ان بعد منهنجي والد جي گهر واري پنهنجي گهران نڪري ماهوٽا ٿاڻي تي تحفظ لاءِ پهتي، جنهن کان پوءِ اهڙو ڪيس لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ هلندڙ هو، اڄ ان ڪيس جي سلسلي ۾ منهنجو والد پنهنجي گهر واري فرزانه سان گڏجي آيل هو جتان واپس ٿيو ته هٿياربندن پيشو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، منهنجي والد سندس زال بيت المال ڪالوني ۾  خميسو خان شيخ جي گهر ۾ پناھ ورتي جتي موٽرسائيڪل تي سوار زنگيجا ذات جي 6 هٿياربندن سندس گهر ۾ گهڙي منهنجي والد نظير احمد ۽ سندس گهر واري فرزانه کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي پيءُ ۽ سندس گهر واري جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن خون سان انصاف ڪيو وڃي

واقعي ۾ ملوث 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، جاچ ڪريون پيا: پوليس

لاڙڪاڻو: پوليس ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿي ويل زال مڙس واري واقعي ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ان حوالي سان ايس ايس پي  روحل  کوسو ٻڌايو ته  پوليس ناڪابندي ۽ ڪارروائي دوران ڊي ايس پي حيدري پارس بکراڻي ۽ انچارج سي آءِ اي امداد علي جاگيراڻي سميت جوڙيل پوليس ٽيم طرفان زال مڙس کي قتل ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جن ۾ گوڪل پور واسي عظيم ولد شاهن زنگيجو ۽ دلاور ولد عظيم زنگيجو شامل آهن جن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ ملوث ٻين جوابدارن جي لاءِ پوليس ٽيمون روانيون ڪيون ويون آهن. هن ٻڌايو ته اهڙي واقعي جي ايف آءِ آر دڙي ٿاڻي تي پوليس جي فرياد داخل ڪري واقعي ۾ ملوث سمورن کي گرفتار ڪيو ويندو

ٻٽي قتل بعد جوابدار خوشي ۾ فائرنگ ڪري نعري بازي ڪندا رهيا

لاڙڪاڻو: علائقي واسين ٻڌايو ته زال مڙس کي هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ بعد خوشي فائرنگ ڪري نعريبازي ڪري فرار ٿي ويا

پوليس بيان ۾ تضاد: ڊي ايس پي ڪارنهن ۽ ايس ايس پي سڱاوتي تڪرار ڄاڻائي ڇڏيو

لاڙڪاڻو: ڊي آءِ جي دڙي ٿاڻي جي حد بيت المال ڪالوني ۾ ڪارنهن الزام هيٺ هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل نظير احمد ڪوڏراڻي ۽ سندس گهر واري فرزانه زنگيجو واري واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي روحل کوسو سان رابطو ڪري واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ڊي آءِ جي  ناصر آفتاب چيو آهي ته هٿياربندن هٿان سڱاوتي تڪرار تان قتل ٿي ويل نظير احمد ڪوڏراڻي ۽ مسمات فرزانه زنگيجو جي ٻٽي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي بنا دير گرفتار ڪيو وڃي